نيوي??رڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيوي??رڪ ۾ ڊينم??رڪ جي پرڏيهي وزير جي پي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڊينم??رڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ا??تصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ڊينم??رڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ڊينم??رڪ سان پاڪستان جي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊينم??رڪ پاڪستان کي اقتصادي طور تي خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينم??رڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکن ٿيون. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستان کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ ا??ساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊينم??رڪ جي امداد کي به ساراهيو.