اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائي??ان جي صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آذربائي??ان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب آذربائي??ان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن جي ڪري شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن جي ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ان جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جون ڪارروايون تمام محدود رهيون آهن. وزيراعظم توانائي سميت مختلف شعبن ۾ آذربائي??ان سان پاڪستان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عز?? کي ورجايو. پاڪستان ۽ آذربائي??ان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. آذربائي??ان او آءِ سي جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گروپ جو هڪ اهم ميمبر ا??ي. ??نهي ملڪن جي عوام ديني ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.