اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ بوڏ سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ڀائيچار?? ۽ ??ڌي جي ضرورت آهي جڏهن ته نادرا ۽ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن پاران وز??راعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ 12 ڪروڙ رپيا ۽ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون عطيو ڪيون ويون. ڪالهه خميس ڏينهن وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وفدن سان ملاقات ۾ ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف سان نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ملاقات ڪئ?? ۽ ??زيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 10 ڪروڙ رپين جو چ??ڪ پيش ڪيو. چيئرمين قاضي محمد منصور دلاور جي سربراهي ۾ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي وفد پڻ وز??راعظم سان ملاقات ڪئ?? ۽ ??زيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 2 ڪروڙ رپين جو چ??ڪ پيش ڪيو. پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 5 ڪروڙ رپين جون دوائون پڻ عطيو ڪيون. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هن آفت کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان قومي يڪجهتي جي ذريعي هن مشڪل وقت جو مقابلو ڪنداسين، پوري قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهن. وز??راعظم اين ڊي ايم اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف متاثر علائقن ۾ دوائن جي ضرورت جو تعين ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن سان گڏجي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائين. پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ضرورت پوڻ تي وڌيڪ دوائون عطيو ڪرڻ جو پڻ وچن ڪيو. اسلامڪ ريليف جي گلوبل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم احمد جي سربراهي ۾ وفد پڻ وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ اسلامڪ ريليف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي ۽ ڪنٽري ايڊووڪيسي اسپيشلسٽ رضا قاضي پڻ موجود هو. اسلامڪ ريليف وز??راعظم کي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي ريليف جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني. هن وز??راعظم کي 3 ڪروڙ پائونڊ عطيو جمع ڪرڻ جي هدف بابت پڻ آگاهه ڪيو.