اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون مثالي رهيو، پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آ??ي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سينيٽ چيئرمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ ??نص??بن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آ??ي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او جو وقت سر تعاون مثالي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لاءِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪ??ڻ ۾ صحت جي عالمي اداري سدائين مدد ڪئي آهي. پوليو جي خاتمي وارن ??دمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪ??ڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سينيٽ چيئرمين ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لاءِ بھترين تعاون فراهم ڪ??ڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.