اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي ساما?? سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي موڪليو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ ساما?? ۾ ??نبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شامل آهن. امدادي ساما?? سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پهچندو، ج??ي اهو امدادي سامان افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امدادي سامان جي روانگي ۽ افغان عملدارن کي حوالگي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف افغانستا?? ۾ ??لزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان پاران انساني همدردي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.