اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، صدين جي رشتن ۾ ڳنڍيل اهي لاڳاپا دنيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ??الر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ترڪي جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران انقره ۾ ”ٽي آر ٽي“ جي هيڊ آف اردو سروس ڊاڪٽر فرقان حميد کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب کي مڃيندڙ آهن، صدين جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن ان جي دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، شهباز شريف چيو ته مون جيئن ئي وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان حلف کنيو ته سڀ کان پهرين انهي رات ترڪي جي صدر ۽ منهنجي ڀاءُ، پاڪستان جي انتهائي شفيق ۽ تمام گهري دوست صدر اردوان ٽيليفون ڪندي مون کي وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اهو ??ندس دل جي گهراين سان مح??ت جو اظهار آهي جنهن جي لاءِ ذاتي طور تي ان جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته پاڪستان جي قوم صدر رجب طيب اردوان جي نه رڳو معترف آهي پر ترڪي ۽ پاڪستان جو جيڪو رشتو آهي اهو ??نيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکي ٿو، انهن لاڳاپن کي جوڙڻ ۽ وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ منهنجو ترڪي جو دورو وڏو ڪارآمد ثابت ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته صدر اردوان ۽ سندس وزيرن سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ??الر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو صرف هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر آهي، اسان گذريل 75 سالن ۾ واپاري ماپو صرف 1.1 ارب ??الر تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ايندڙ ٽن سالن ۾ ان جو پنج ارب ??الر جو هدف حاصل ڪرڻو آهي، اسان جي لاءِ هڪ چئلنيج آهي ۽ اسان انشاءُ ان چئلينج کي قبول ڪنداسين ۽ ان کي عملي شڪل ڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صدين کان جيڪي گهرا لاڳاپا قائم آهن بدقسمتي سان ان جي جهلڪ واپاري ميدان ۾ نظر نٿي اچي، هن چيو ته واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سان پاڻ ۾ مح??ت ۽ ڀائيچاري جي ڪلچر کي فروغ حاصل ٿيندو، ان لاءِ 5 ارب ??الر جو هدف مقرر ڪيو آهي ان کي حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، وزيراعظم شهباز شريف سياحت جي شعبي ۾ ترڪي سان تعاون ڪرڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪي سان پنهنجي لاڳاپن کي 2018ع جي سطح تي جتي اسان ڇڏيو هو ??تان کان اڳتي وٺي وينداسين، اسان وڏي تيزي سان گڏيل ل??ڳاپن کي فروغ ڏينداسين، هن چيو ته ترڪي ٻين شعبن وانگر سياحت جي شعبي ۾ به وڏا ڪمال ڏيکاريا آهن، اسان ٻنهي ملڪن جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين.