اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل جي شهادت ??ي افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهروارن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظ??ار ڪيو. وزيراعظم چي?? ته پنهنجي ٻارن کي اسڪول کان وٺڻ لاءِ ويندڙ والد جي شهادت ??ي افسوس آهي، وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ پوليس اهلڪارن تي وڌندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چي?? ته خيبرپختونخوا جو وڏو ??زير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد پوليس سب انسپيڪٽر کي شهداءَ پيڪيج ڏنو وڃي، ٻارن جي تعليم ۽ گهروارن جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف، انجنيئر امير مقام کي شهيد پوليس اهلڪار لاءِ مالي مدد کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.