اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ سربراهه پاڪ فضائيه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران حاضر دور جي تغيراتي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزيراعظم پاڪستان ۽ ??رڏ??هي وزير جي چين جي ايندڙ دوري جي مناسبت سان پاڪستان جي دوست ملڪ چين سان تعاون ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز جي ذريعي ”پي اي ايف مارڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل ت??اون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ??رڏ??هي وزير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل ت??ا??ن جي خاطري ڪرائي، هن قائداعظم جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فضائيه کي ملڪ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ ??رڏ??هي وزارت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.