اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ سموري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي ??هتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيند?? چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي ??ڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي ??نٽرنيٽ جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آ??ِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت ??لتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي ج?? چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن تي ??ريفنگ ڏني.