اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته ??فغ??نستان جي موجوده صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ ??فغ??ن عوام جي مدد لاءِ عالمي فنڊ جو قيام ۽ ??فغ??نستان لاءِ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي جي مقرري اهم ڪاميابي آهي، اميد آهي ته اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کانسواءِ ٻيا ملڪ به ان فنڊ ۾ حصو وجهندا، غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي خوش آئ??ده آهي، اميد آهي ته ان سان خطي خاص طور تي ??فغ??نستان ۾ بهتري ايندي. هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن روانو ٿيڻ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ٻين کيس الوداع ڪيو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ڪام??اب انعقاد تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، اهو غير معمولي اجلاس هڪ وڏي ڪاميابي هو، خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اهو اجلاس اهم هو، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس ڪام??اب رهيو ته جيڪا هڪ خوش آئ??ده ڳالهه آهي، ڪانفرنس سان خطي خاص طور تي ??فغ??نستان جي صورتحال ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته ان اجلاس جي هڪ اهم ڪاميابي اها آهي ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت کي ??فغ??نستان بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هو رابطاڪاري جو ڪم سرانجام ڏيندو، هن اجلاس ۾ شريڪ طالبان جي نمائندي سان ملاقات به ڪئي، اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندو، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي چيو ته ٻي وڏي ڪاميابي افعانستان جي عوام لاءِ خصوصي فنڊ جو قيام آهي جنهن ۾ نه رڳو او آءِ سي جي ميمبر ملڪ پر ٻيا ملڪ به تعاون ڪندا ته جيئن 40 سالن کان مصيبتن جو شڪار ??فغ??نين جي مدد ٿي سگهي، هن چيو ته اجلاس ۾ ??فغ??نستان لاءِ حوصلا افزا اعلان ڪيا ويا آهن، ان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جا تاريخي اثر پوندا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اميد آهي ته ??فغ??نستان جي باري ۾ او آءِ سي جا نمائندا خصوصي فعال ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿاريو ويو.