اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مولانا فض?? الرحمان بي وقت جو راڳ آلاپي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي پر مولانا فض?? الرحمان جي ڪوشش آهي ته موجوده سسٽم ختم ٿئي ۽ ان جي جڳهه ٻيهر ٺهي، مولانا حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، ان سان گڏ ڪير نه آهي هو اڪيلو بيٺل آ??ي، 23 م??رچ به اچي ويندو، مولانا فض?? الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي. مولانا فض?? الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ??يم 23 م??رچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، مولانا فض?? الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي، اها تاريخ به حتمي نه هوندي. هن چيو ته مارچ ۽ اهتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، وزيراعظم عمران خان جو به چوڻ آهي ته اپوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته مولانا فض?? الرحمان جي ڪوشش رهي آهي ته هي سسٽم ختم ٿئي جيئن ته هو هن سسٽم جو حصو نه آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ان لاءِ مولانا فض?? الرحمان سان گڏ نظر اچن ٿا ڇو ته اهي سسٽم جو حصو نه آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سسٽم ۾ آهن اهي اهڙي حڪمت عملي کي سپورٽ نه ٿا ڪن، اڄ جي اجلاس ۾ به پارليامينٽ جي اندر موجود پارٽين ۽ شخصيتن جو موقف پارليامينٽ کان ٻاهر رهندڙن کان مختلف هو، مولانا فض?? الرحمان جون ڳالهيون ??ائين ٽائين فش هونديون، پي ڊي ??يم پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ??يڻ واريون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ??ي رهيون آهن، ان کانپوءِ ايندڙ سال اسان پنهنجي آخري بجيٽ پيش ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ??يڻيون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته بي وقت جو راڳ مولانا فض?? الرحمان اڪيلي ڳائي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مولانا فض?? الرحمان حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، توهان سان گڏ ڪير به نه آهي، توهان اڪيلا بيٺل آ??يو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي پي ڊي ??يم ۾ شامل پارٽيون ??ولانا فض?? الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي جي حوالي سان غيرذميواراڻي بيان تي کانئس پڇاڻو ڪنديون، مولانا فض?? الرحمان غيرذميواري جو ثبوت ڏيندي ان افسوسناڪ واقعي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته 23 م??رچ پاڪستان جي قوم جي لاءِ اهم ڏينهن آهي، اهو قومن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڏينهن نه آهي، قومن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي، 23 م??رچ جو ڏينهن به اچي ويندو، توهان به هتي آهيو، اسان به هتي آهيون، ڏسي وٺنداسين.