اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان خاص طور تي ٻارن کي آن لائين دستياب غير اخلاقي مواد کان بچائڻ جي ضرو??ت آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ نئين نسل جي ڪردارسازي گهڻي اهم آهي، هن اهڙن خيال?? جو اظهار ملڪ ۾ فحش ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ نئين نسل جي ڪردارسازي گهڻي اهم آهي، جديد ٽيڪنالاجي جا اوزار ۽ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ جي پکيڙ ماڻهن جي هر قسم جي مواد تائين پهچ ممڪن بڻائي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن خاص طور تي ٻارن کي آن لائن دستياب غير اخلاقي مواد کان بچائڻ جي ضرو??ت آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو آن لائين مواد جي موثر گيٽ ڪيپنگ کي يقيني بڻائين ته جيئن معصوم دماغن کي آن لائين غير اخلاقي ۽ فحش مواد جي اثرن کان بچائي سگهجي. ان کان اڳ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو هو ته مواد جي پهچ جي نيٽ ورڪ (سي ڊي اين) خاص طور تي ڪلائوڊ فيئر، انٽرنيٽ ٽريفڪ جا ڪل شيئر جو 1- 2 سيڪڙو رکن ٿا، انهن کي فحش مواد پيش ڪرڻ جون شڪايتون آهن، ٻيا سي ڊي اين پنهنجي پاليسين موجب فحش مواد پيش ناهن ڪندا. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته پي ٽي اي کي آئي ايس پيز/سي ڊي ??ين?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرو??ت آهي ته جيئن سي ڊي ??ين?? خاص طور تي ڪلائوڊ فيئر جي ذريعي فحش مواد کي روڪي سگهجي. پي ٽي اي کي پنهنجي ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم (ڊبلي?? ايم ايس) جي صلاحيت وڌائڻ جي به ضرو??ت آهي ته جيئن فحش ويب سائيٽس جي ڪجهه عالمي ۽ باقاعدگي سان اپ ڊيٽ ٿيل ڊيٽا بيس سان انضمام ڪري کين يو آر ايل ۽ ڊومين جي سطح تي بلاڪ ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي اي ان منصوبي جي فزيبلٽي پر ڪم ڪري رهيو آهي جنه?? جو لاڳو ٻن مهينن جي مدي ۾ ممڪن ٿي سگهندو. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، نيا ٽيل جو چيئرمين راشد خان ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.