اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڪرغستان جي سفير توتايو والانبڪ اسان ڪولووڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لا??اپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪرغستان سان پنهنجي ڀائراڻي لا??اپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ ??ذهب، ٻڌي ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان ڪرغستان سان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لا??اپن کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ رابطن جو فروغ ٻه طرفي لا??اپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، چين پاڪستان اقتصادي راهداري خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ثابت ٿيندي. هن چيو ته خطي جي ملڪن ۾ ويجها رابطا ۽ حصيداري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن ۾ ويجهي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان سان ويجهو هجڻ جي ڪري ڪرغستان وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان ٻاهر گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪرغستان جي سفير چيو ته سندس ملڪ جا پاڪستان سان ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لا??اپا وڌ??ڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪرغستان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لا??اپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آ??ڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.