ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ڪراچي سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير جي اچڻ تي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي جنرل مئنيجر محمد شجاعت الله ٻئي اسٽاف سان گڏ سندس استقبال ڪيو. مئنيجر پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن جو اطلاعات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير ڪراچي سينٽر جي پروگرامز، حال??ت حاضر ۽ نيوز جي سربراهن کان لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان معلوم ڪيو ۽ گڏ ئي انهن کان انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. جنرل مئنيجر وفاقي وزير کي پروگرامز، حال??ت حاضره، پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيشنل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. هن پي ٽي وي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي ويزن کي پڻ ساراهيو. بعد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي نيوز روم، حال??ت حاضره جي مختلف اسٽوڊيوز، پي ٽي وي نيشنل سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ اسٽاف کان بريفنگ ورتي.