اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڊنم??رڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنم??رڪ جي حڪومت پاڪست??ن ۾ سيڪيورٽي ۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنم??رڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ?? افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ڊنم??رڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ڊنم??رڪ جي هم منصب کي افغانستان سان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد کان آگاه ڪيو، ڊنم??رڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنم??رڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه محمود قريشي ڊنم??رڪ جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪست??ن ۾ سيڪيورٽي۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي د??وت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه محمود قريشي کي ڊنم??رڪ جي دوري جي د??وت ڏني.