اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغا??ست??ن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي افغا??ست??ن جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان افغا??ست??ن ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغا??ست??ن ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، افغا??ست??ن جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي افغا??ست??ن جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ان سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي ب??وج??د اسان اٽڪل 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان افغا??ست??ن جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات افغا??ست??ن جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا افغا??ست??ن جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪ?? تباهي جو سبب بڻيو ۽ افغا??ست??ن دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا افغا??ست??ن ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر افغا??ست??ن جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چيو ته افغا??ست??ن ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آهي ته افغا??ست??ن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دنيا جي انتهاپسند تنظيمن کي افغا??ست??ن ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي افغا??ست??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي افغا??ست??ن جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، افغا??ست??ن ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي انسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغا??ست??ن جي موجوده صورتحال افغا??ست??ن ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر افغا??ست??ن ۾ ڪوريج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان افغا??ست??ن ۾ اٿارٽيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان افغا??ست??ن جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغا??ست??ن ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغا??ست??ن ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.