ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فل??حي رياست بن??ئڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن تي ڌيان ڏئي کين معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيتي سان شروع ٿيندڙ ڪم پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آهي. چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ ٻارن جي دل جي سرجري جي شروعات ڪري اهم سنگ ميل عبور ڪيو ??هي جنهن لاءِ هتان جي انتظاميه ۽ اين جي او مبارڪ?? جا حقدار آهن. اهڙو اظهار هن چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ سرجري يونٽ جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشيءَ جو ڏينهن ??هي جو آئون اڄ اوليائن جي ڌرتيءَ تي موجود آهيان. هتي اين جي او ”تاري زمين پر“ جي سي اِي او فاديه ڪاشف انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون معاشري ۾ هاڪاري تبديليون ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سرندي وارن کي به گ??ارش ڪيان ٿي ته اهي به فاديه ڪاشف جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪن.