لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ انهن ملڪن ترقي ڪئي جن هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪيو، بدقسمتي سان ماضي ۾ اسان جي ملڪ ۾ تعليم ترجيح نه رهي ۽ اسان پنهنجي تعليمي نظام کي ڊويلپ نه ڪيو جڏهن ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ئي اسان کي هڪ نصاب آڻڻ گهرجي ها، موجوده حڪومت ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪري رهي آهي، جنهن جو ايندڙ وقت ۾ تمام وڏو فائدو ٿيندو، اسان کي گهرجي ته پ??هنجي ٻارن کي پنهنجي زبان ۾ پڙهائڻ سان گڏوگڏ انهن جي سـٺي تربيت ڪريون ۽ انهن کي سيرت النبي ﷺ بابت پڻ تعليم ڏيون. هو گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب ايجوڪيشن ڪنوينشن 2021ع جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزير ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پ??جاب ۾ هن وقت جيترو ڪم ٿي ??هيو آهي ايترو ڪنهن صوبي ۾ نه ٿي ??هيو آهي پر پوءِ به ماڻهو تنقيد ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته پ??جاب تباهه ٿي ??هيو آهي. هن چيو ته ان جو سبب اهو آهي ته گذريل حڪومتن ۾ ننڍي ڪم جي وڏي تشهير ٿيندي هئي ۽ هاڻي وڏن ڪمن جي تشهير ننڍي ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ تعليم تي ڪنهن زور نه ڏنو ۽ ملڪ ۾ شارٽ ٽرم سوچ عام رهي، اڄ کان 50 سال اڳ پاڪستان تيزي سان مٿي وڃي رهيو هو پر آهستي آهستي اسان جو ملڪ هيٺ اچڻ شروع ٿي ويو ان جو وڏو سبب اسان جو تعليم جو نظام هو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ سرڪاري اسڪولن مان بهترين پروفيشنل نڪرندا هئا پر آهستي آهستي سرڪاري تعليمي ادارا هيٺ وڃڻ شروع ٿي ويا ۽ هڪ ننڍڙو پرائيويٽ اسڪول سسٽم مٿي هليو ويو جنهن هڪ طبقي کي ذهني غلام بڻائي ڇڏيو ۽ اهو سڀ انگلش ميڊيم ايجوڪيشن جي ڪري ٿيو. هن چيو ته دنيا ۾ جتي جتي انگريز حڪومت ڪئي انهن هڪ ننڍڙي ڪل??س جي لاءِ انگلش ميڊيم ۽ باقي جي لاءِ جنرل ايجوڪيشن جو نظام ڏنو. هن چيو ته اسان کي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به هڪ نصاب آڻڻ گهرجي ها پر هتي ٽن قسمن جي تعليم هئي هڪ ديني مدرسا، ٻي اردو ميڊيم ۽ ٽين انگلش ميڊيم جيڪا ننڍي طبقي جي لاءِ هئي جنهن تعليم تي گهٽ ۽ ٻين غيرنصابي سرگرمين تي وڌيڪ زور ڏنو. عمران خان چيو ته هڪ وقت ايندو ته ماڻهو محسوس ڪندا ته ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ ٽرننگ پوائنٽ آهي. هن چيو ته اسان وٽ ائين ٿئي ٿو ته تقريبن ۾ انگريزي زبان ڳالهائي وڃي ٿي پر اتي تقريب جا شرڪت ڪندڙ ۽ جنهن ٽي وي تي تقريب نشر ٿي ??هي هوندي آهي ان جا سمورا ڏسندڙ اردو سمجهڻ وارا هوندا آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪجهه وقتن تي انگريزي ۾ تقرير شروع ٿي وڃي ٿي ??نهن جو مقصد اهو تاثر ڏيڻ هوندو آهي ته اهو ٻين کان وڌيڪ پڙهيل لکيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ ڪٿي نه ٿو ٿئي ته ڪا قوم پنهنجي زبان کان هٽي ڪري ٻي زبان کي اختيار ڪري. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارن کي سدائين پنهنجي زبان ۾ تعليم ڏيارڻ گهرجي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته سمورن اسڪولن ۾ هڪ نصاب ڏنو وڃي جنهن جو مستقبل ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن چيو ته اسان کي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ان سلسلي ۾ اسان جي ڪوشش آهي ته ايف بي آر کي آٽوميشن تي کڻي اچون جنهن سان اتي ڪرپشن جي خاتمي ۾ مدد ملندي اهڙي طرح وفاقي ڪابينا کي پيپر ليس ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ اي گورننس کڻي آيا آهيون. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جيتري تيزي سان ٽيڪنالاجي ايڊوانس ٿي ??هي آهي اسان کي پنهنجي ٻارن کي به ان طرف وٺي وڃڻو آهي جنهن کي اهي جلدي سمجهي سگهن ٿا، ان سان گڏوگڏ اسان کي ٻارن جي سٺي تربيت به ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته مينار پاڪستان جو واقعو شرمناڪ آهي، اسان جي ٻاروتڻ واري دور ۾ اهو تصور به نه ٿي ??گهندو هو ته اهڙيون حرڪتون ٿي ??گهن ٿيون ڇو ته عورت جي جيڪا عزت پاڪستان ۾ هوندي هئي اولهه ۾ نه هئي پر هاڻي اهڙن واقعن جو سبب ٻارن جي تربيت نه هجڻ آهي اهڙا واقعا نه دين ۽ نه اسان جي ڪلچر جو حصو آهن، اهو اسان جي موبائيل فون جي استعمال جو هڪ منفي رخ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان جي لاءِ اهو ضروري آهي ته پ??هنجي ٻارن جي تربيت ڪريون جنهن جو هڪ ئي طريقو آهي ته انهن کي نبي ڪريم ﷺ جي زندگي بابت آگاهه ڪريون. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان صوبي ۾ تعليمي ميدان ۾ بهترين قدمن تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، تعليم واري وزير مراد راس ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اهڙا ڪم هڪ جذبي جي ذريعي ئي ممڪن آهن. ان کان اڳ تعليم واري وزير مراد راس وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار پڻ خطاب ڪيو.