اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ سميت پي ٽي آءِ جي هر منصوبي جي آغاز تي (ن) ليگي ترجمانن جي دعوائن کي ڏسي اهو ممڪن آهي ته اهي سڀ??ڻي ??ن طرح جي دعويٰ به شروع ڪندا ته بلب جي اي??اد به ٿامس ايڊيسن نه پر نواز شريف جات?? عمرا ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ويهي ڪئي هئي جنهن جي ڪري سندس پليٽيليٽس به گهٽجي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سينيما ۾ پهر??ون پروجيڪٽيڊ فلم جو سهرو به شهباز شريف جي سر آهي، جنهن ”چيلهه ۾ تڪليف“ جي باوجود اهو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. شريف ڀائرن جنهن ”شرافت“ سان ملڪي خزاني تي هٿ صاف ڪيا، ادارن کي درٻاري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پارليامينٽ کي مغليه رنگ ڏنو، انهن سان اهو ئي ڪجهه منسوب ٿي سگهي ٿو