اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي ش??ريت رکندڙ پاڪستانين کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ا?? آئيني ترميمن سان سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو رستو س??ائ??ن جي لاءِ بند ٿي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽي آ??ِ پاران پاڪستان جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لاءِ هي ٽيسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپو??ِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.