اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معامل?? تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي را??طا ??ميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورونا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورونا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.