اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ڀارت ۾ بيهي پاڪستان سا?? دوستي جو اظهار هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ڀارت ۾ بيهي ٽرمپ جو دهشتگردي جي خلاف اسان جي مثبت ڪر??ار جو اعتراف ڪرڻ سا?? ڀارتي بيانيو دفن ٿي ويو، ٽرمپ جو بيان امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جو چٽو ثبوت آهي، مودي خطي ۽ ڀ??رت ۾ نفرت، تعصب ۽ جنگ جي باهه ڀڙڪائڻ بدران دوستي جي پيغام ۽ ان جي طاقت کي سمجهي.