اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان رياست جو اهم حصو آهي، موجود?? حڪومت وزيراعظم ع??ران خان ج?? قيادت ۾ رياستي ميڊيا کي پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خطاب ڪري رهي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڳوڻن دورن ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ به سيا??ي بنيادن تي ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون ويون.