اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم ڪوويڊ 19 جي وبا دوران پنهنجي گڏيل ڪو??شن سان دنيا ۾ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، اهڙي طرح جي اتحاد جو مظاهرو ??عل??م، صحت ۽ اقتصادي شعبي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. هو راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) جي اهتمام هيٺ نيشنل هيلٿ سمٽ کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران جڏهن سڄي دنيا ۾ اها وبا ڦهلجي رهي هئي، پاڪستان ان کان بچڻ جي لاءِ دنيا جو ٽيون بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪ بڻجي اڀريو. اهو سڀ ڪجهه ماڻهن ۽ سمورين ڌرين جي گڏيل ڪو??شن ۽ تعاون جي ڪري ممڪن ٿيو جن وبائي مرض جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ڪو??شن ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ان ڪاميابي مستقبل جي لاءِ هڪ رستو تيار ڪيو آهي جيڪو موجوده چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان جي ڪو??شن ۾ اسان جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. جسماني صفائي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اسلامي ??عل??م مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ذاتي صحت جي سارنڀال جو ??عل?? روحاني پاڪيزگي سان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو احتياطي عادتُون بشمول ??ند?? کي باقاعدگي سان برش ڪرڻ جي عادت وجهن ته ??ند?? جون اٽڪل 90 سيڪڙو بيماريون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون. صدر سمورين ڌرين ۽ ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اهي ذهني دٻاءُ ۽ آبادي ۾ اضافي سميت صحت سان لاڳاپيل مسئلن بابت عوام ۾ آگاهي پ??دا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻارن جي اسڪول نه وڃڻ جي سنگين مسئلي جي لاءِ گڏيل ڪو??شن جي ضرورت آهي ۽ انهن ٻارن کي ??عل??م فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسجدن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر بنگلاديش، ڀارت ۽ سريلنڪا جو ذڪر ڪيو جتي ٻارن ۾ خواندگي جي شرح پاڪستان کان وڌيڪ آهي. هن چين جو به حوالو ڏنو جنهن صحت ۽ ??عل??م جي شعبن تي ڌيان ڏئي اٽڪل 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته رياست رستو ڏيکاري سگهي ٿي پر اها معاشري جي سمورين ڌرين جي ذميواري آهي ته اهي ??عل??م ۽ صحت جي شعبن ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ذميواري جي حصيداري ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترجيحن ۽ پاليسين جي تسلسل تي ڌيان ڏيڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ چيو ته ان ۾ عوام جي شموليت ضروري آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ صوبائي حڪومتون پنهنجي مخصوص بجيٽ مان رڳو 25 کان 30 سيڪڙو ??عل??م تي خرچ ڪن ٿيون جيڪو ان شعبي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪافي نه آهي. آبادي ۾ اضافي جو ذڪر ڪندي هن ”ڊيموگرافڪ تبديلي“ تي زور ڏنو جنهن ۾ معاشري جا سمورا طبقا ان معاملي جي اهميت کي سمجهي سگهن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي مختلف سببن جي ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن جو جامع طور تي ازالو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻارن جي خلاف جنسي ڏوهن ۽ منشيات جي استعمال بابت مختلف ذريعن کان آگاهي پ??دا ڪرڻ گهرجي. صدر اخلاقيات تي ٻڌل اصولن تي زور ڏنو ۽ دولت جي ورڇ ۽ وسيلن کي ڪجهه ماڻهن وٽ جمع ڪرڻ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر ثاقب رفيق چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ريون ملڪي سربراهه آهي جنهن چيمبر جي عمارت جو دورو ڪيو ۽ واپاري برادري جي عوام جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن ۾ شموليت تي حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته اٽڪل 90 سيڪڙو ماڻهو ??ند?? جي مهانگي علاج کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ??ند?? بابت بيمارين سان رڳو ??ند?? جي مناسب سارسنڀال ڪري ئي بچي سگهجي ٿو.