تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ سان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ تنظيم جي تازي اڳڀ??ائ?? جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۽ وچ اوڀر جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. سيڪريٽري جنرل اي سي او جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي سي او سيڪريٽريٽ جي عزم جو يقين ڏياريو.