اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف سان ميري ٽائيم افيئرز واري وفاقي وزير سيد فيصل سبزواري ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي وزارت پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 7 ڪروڙ جي رقم جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 7 ڪروڙ جي رقم جو امدادي چيڪ پيش ڪيو. پورٽ قاسم اٿارٽي پاران 5 ڪروڙ ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران 2 ??روڙ رپين جي رقم وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيو ڪئي وئي آهي.