ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي اعزازي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيدمي ڪموڊور مح??د خالد هو. جاري پڌرائي موجب پاڪستان نيول اڪيدمي جي ڪيڊٽس ۽ پاڪ بحريه سيلرز جي دستن تي ٻڌل ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جون ذميواريون سن??اليون. پريڊ ڪمانڊر جا فرض ليفٽيننٽ ڪمانڊر سيد مح??د دائود سرانجام ڏنا. پريڊ جي دوران خاص مهمان گارڊز جو معائنو ڪيو ۽ گارڊز پاران قائداعظم کي قومي سلام پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ خاص مهمان گارڊز مقرري جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيدمي ڪموڊور مح??د خالد مزار قائد تي گلن جي چادر چڙهائي.