اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ جي قدمن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي تمڃيل تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪر?? جي لاءِ ڪيل جيڪي عالمي قانون ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت نه رڳو پن??نج??ن ذميواريون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪر?? جي پن??نج?? قيادت جي پڪي واعدن کان انڪار ڪيو آهي پر هن والاريل ڪشمير تي پن??نج?? غيرقانوني ۽ زبردستي قبضي کي برقرار رک?? جي لاءِ دهشتگردي ۽ وسيع پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري رکيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج جي هٿان آگسٽ 2019ع کان هيستائين والاريل ڪشمير ۾ 660 ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي. والاريل علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ معصوم ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ نام نهاد فوجي آپريشنز، حراست?? فوتگين، پيلٽ گنز جو استعمال، جبري گمشدگين، گڏيل سزائن ۽ پوري ڪشميري قيادت کي قيد جون صعوبتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن انهن ??ي خودمختياري جي حق لاءِ پرامن ۽ جائز جدوجهد جي لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪي سگهجي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارت?? فوجي مقرر آهن جتي غيرقانوني انتظامي قدمن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ زمينن جي ضبطگي، غيرڪشميرين کي رهائڻ ۽ لکين غيرقانوني ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪشميري مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ڀارت انهن ??اررواين جي باوجود ڪشميري عوام جي حريت جي جذبي کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي.