اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خا?? آئين شڪني ڪرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويهاري چئن سالن تائين هڪ نااهل مڙهيو ويو، عمران خا?? 4 سال پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ انتقامي سياست ڪئي، عمران خا?? سمورن ادارن کي استعمال ڪري مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، عدالتن ۾ عمران خا?? جا ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالتن پنهنجي فيصلن ۾ لکيو ته اهي سمورا ڪيس بي بنياد الزامن تي ٺهيا. عمران خا?? جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد عمران خا?? جي نااهلين ۽ ناڪامين کي سامهون آڻڻ آهي، صحيح فيصلن کي عوام تائين پهچائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي پڻ عمران خا?? جي ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسيٽ ريڪوري يونٽ اصل ۾ عمران خا?? جو ايسيٽ ميڪنگ يونٽ هو. هن چيو ته عمران خا?? سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف پنهنجي اپيل واپس ورتي، اپيل واپس وٺڻ جو مطلب آهي ته وزيراعظم جي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ته عمران خا?? بطور وزيراعظم مبينا سائفر تي شفاف جاچ ڇو نه ڪرائي؟ عمران خا?? ڇو 28 مارچ تائين انتظار ڪيو؟ هن چيو ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خا?? آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته ميڊيا لاهور ??اء?? ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي، لاهور ??اء?? ڪورٽ جي فيصلي موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کي عهدي تان ناهي هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا فيصلو پڙهڻ کانسواءِ ڌمال هڻن ٿا پوءِ يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ته عمران خا?? جو مقصد گار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عمران خا?? جو روزانو لڳندڙ تماشو بند ٿيڻ گهرجي، فرح گوگي کي استعمال ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪيا ويا. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان وزيراعظم بڻيو، عمران خا?? کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، عمران خا?? جي نالائقي جي ڪري اڄ پاڪستاني عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي.