اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پار??ي جي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ بلوچستان عوامي پار??ي جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي ملاقات ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ ??و عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اختر مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق، سردار اياز صاد?? ۽ ??اڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.