اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان ايئرپورٽ اچڻ تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي مهمان صدر کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو. معزز مهمان کي ٻارن گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي ??ني وئي. ازبڪستان جو صد?? پاڪستان جي دوري د??ران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان مل??قا??ون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن.