??سل??م آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنڊ دادن ??ان جي ڀرپاسي واري علائقي ڍڍي ڦيرا ۾ پرائيويٽ اسڪول جي خراب عمارت ڊهڻ سبب پرائمري اسڪول جي ٻارن جي زخمي ٿي?? جي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊي سي جهلم سان رابطو ڪري واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ طلب ڪري ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين کي اسپتال ۾ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻارن، عورت ٽيچرز ۽ اسڪول جي ٻئي عملي کي جهلم منتقل ڪري علاج جي بهترين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.