بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لا??ِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لا??ِ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر دنيا هاڻي هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي دوري دوران وزي??اع??م عمران خان چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي سربراهن ۽ نمائندن سان خصوصي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران وزي??اع??م پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏيل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزي??اع??م ڪشمير تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. وزي??اع??م چين سان پاڪستان جي سدابهادر اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي مرڪوز هو اتان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لا??ِ ٻين ماڳن جي برابر يا ان کان بهتر م??اع??ن جي آڇ ڪري رهيو آهي. وزي??اع??م زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر دنيا کي هڪ ٻي سرد جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏيل فائدن کان محرومي جو خدشو آهي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جو اهو عزم هو ته عالمي سياست ۾ تصادم بدران تعاون ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لا??ِ تيار آهي. وزي??اع??م پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته سندس حڪومت ا??ڙي پاليسي ۾ اقتصادي سلامتي کي بنيادي اهميت ڏني آهي، اهو ويزن را??طن ۽ ترقياتي حصيداري تي ٻڌل آهي، جنهن لا??ِ چين ۽ پاڪستان جي حصيداري اڻٽر آهي. علائقائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي وزي??اع??م چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ را??طن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لا??ِ پاڪستان ۽ چين جي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزي??اع??م ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ڪاهه کي علائقائي امن لا??ِ خطرو ۽ خطي جي ڊگهي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏيندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل ظلمن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلمن تي ڌيان ڏي. وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي را??طن سميت عوامي سطح تي را??طن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزي??اع??م ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ لا??ِ گڏيل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي لا??ِ وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزي??اع??م جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.