اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پينشن جي شفاف ورهاست لا پينشنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جي نظام جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ??نهن سان 14 لک پينشنرن مان هر مهيني 60 ارب روپيا جي رقم شفاف طريقي سان ورهائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. اي جي پي آر ۾ پينشنرن جي لاءِ ڊجيٽل سهولت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر اطمينان ظاهر ڪيو ته انهن قدمن سان نه رڳو پينشنرز جي نه رڳو ذاتي تصديق جي نظام ۾ بهتري ايندي پر جعلي شناخت جي روڪٿام به يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ان نظام سان نه رڳو پينشنرن جي مشڪلاتن جو ازالو ٿيندو پر انهن جي شفاف ڊيٽا بيس جي راهه هموار ڪرڻ ۽ جعلي پينشنرن جي خاتمي ۾ مدد ملندي، هن پينشنرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پينشن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ جي تصديق کي اهم قدم قرار ڏنو، هن 7 کان 12 سيڪڙو جي ويجهو ماڻهن کي اکين ۽ چهري جي ذريعي تصديق نظام جي تجويز ڏني، هي اهي ماڻهو آهن جنهن جي عمر، معذوري، وڌيڪ مزدوري، ??يماري جي سببن تي فنگر پرنٽس ضايع ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي تصديق ناهي ٿيندي، هن ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي موثر آڊٽ جي نظام تي زور ڏنو. عوام جي مفاد ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي استعمال تي زور ڏيندي هن چيو ته ملڪ جي ترقي جو ڀاڙڻ ٽيڪنا??اج?? جي نئين رجحان کي وقت سر اختيار ڪرڻ ئي آهي، ??رف انهن ملڪن ترقي ڪئي جن ٽيڪنا??اج?? جي جديد رجحانن کي فوري اختيار ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي خدمتن جي فراهمي جي نظام کي حصو بڻايو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي تي ٻه کان ٽي سيڪڙو مثبت اثر وجهندي آهي، قوم کي ان فائدي کان آگاهه ڪرڻ اهم آهي. اهڙي طرح هن چيو ته ڊجيٽل بئنڪنگ صارفين کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت سان گڏ شفاف ۽ مناسب مالي ٽرانزيڪشن جي مالي سهولت فراهم ڪندي آهي، ??ي??وڻ??ڪ هن مالياتي ادارن تي زور ڏنو ته عوام کي مسلسل آگاهي جي ذريعي مالياتي دوکي جي خلاف مضبوط تحف?? فراهم ڪري، هن چيو ته ايندڙ چونڊن۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ عوام جي مفاد ۾ ٽيڪنا??اج?? کي استعمال ۾ آڻڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم آهي، ??ي وي ايم سان ووٽن جي شفاف ۽ فوري ڳڻپ يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان ۾ گهپلن جو به ڪو خدشو نه آهي، ??در پينشنرن جي سهولت لاءِ بايو ميٽرڪ تصديقي خدمتن جو آغاز ڪرڻ تي آڊي??ر جنرل آف پاڪستان ۽ نادرا جي واکاڻ ڪئي، ??ن موقعي تي هن اي جي پي آر جي ٻن پينشنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جو عمل ڏٺو جن آن لائين ويريفڪيشن جي لاءِ بئنڪ جي بايو ميٽرڪ ڊائيوس تي پنهنجا فنگر پرنٽس رکيا.