اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پا??ست??ن جي ان عزم کي ورجايو آهي ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کا?? اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر ممڪن قدم کڻڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پا??ست??ن طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي افغان وفد ۾ وقتي ناڻي وارو وزير، صنعت ۽ واپار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار سامل هئا. وزيراعظم افغانستان جي حمايت ۽ انهن جي ملڪ کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي مدد لاءِ پا??ست??ن جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پا??ست??ن ۽ خطي جي لاءِ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ ٺوس افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قدمن، سمورن افغانين جي حقن جي تحفظ، نظم ۽ ضبط ۽ سياس?? ۾ ??مورين ڌرين جي سموليت سان افغانستان ۾ استحڪام کي هٿي ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عبوري افغان حڪومت عالمي برادري سان تعميري ڳالهيون جاري رکندي ۽ درپيس مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثبت قدم کڻندي. هن چيو ته پا??ست??ن افغانستان ۾ فوري طور تي انساني بنياد تي ريليف جي فراهمي جي لاءِ مسلسل زور ڏئي رهيو آهي. ويراعظم معاشي تباهي کان بچڻ جي لاءِ افعانستان جا منجمند ڪيل اثاثا جاري ڪرڻ ۽ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن ۾ ??هو??ت جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پا??ست??ن جي ان عزم کي ورجايو ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کا?? اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر مڪن قدم کڻڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته امداد ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ڪيو ويو آهي، پا??ست??ن افغانستان کي ڪڻڪ، چانور، هنگامي طبي امداد ۽ شيلٽرز سان لاڳاپيل سامان سميت ضرورت جون شيون فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پا??ست??ن طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ ??هو??ت جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فروغ جي لاءِ ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.