اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير برنارڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي ??اءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن ک?? آمريڪا سميت عالمي برادري تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ استحڪام جي ??اءِ تمام ضروري آهي. پريس ريليز موجب هن چيو ته آمريڪا ۽ عالمي برادري پاڪستان جي ڪ??دار کي تسليم ڪيو آهي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪ??دار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان طالبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. هن چيو ته پاڪستان کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار جو چڱي ريت اندازو آهي. جرمن سفير چيو ته ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي ??اءِ تمام ضروري آهي. افغانستان جي ??اڙيسري ملڪن جي ڪ??دار بابت ??ڪ سوال تي جرمني جي سفير چيو ته انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ڇو ته اهو سياسي تباهي جو ڪارڻ ثابت ??يندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ملڪن جا مفا?? ۽ ??ناظر مختلف آهن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي خطي جي ??فاد ۾ آهي. جرمني جي ??رڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پاڪستان جي دوري بابت ??ڪ سوال جي جواب ۾ سفير چيو ته سندس دورو پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال بشمول افغانستان بابت ??و.