اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خا?? ڌيان ڏ??و وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ڪيل تيارين بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي و??پا?? واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، چيف ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي ايڪسپو ۾ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت سان جتي عالمي برادري کي پاڪستان جي مختلف رخن کان روشناس ڪرايو ويندو اتي و??پا?? ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايڪسپو پهرين آڪٽوبر 2021ع کان شروع ٿيندو جيڪو 6 مهينا مسلسل جاري رهندو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان پويلين ۽ ان جي مختلف حصن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپو دوران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي موقعن کي اجاگر ڪرڻ تي خا?? ڌيان ڏ??و وڃي. وزيراعظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي خا?? ڌيان ڏ??و وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي متحرڪ شموليت سان ايڪسپو دوران اهم صوبائي منصوبن کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي ايڪسپو جي حوالي سان تيارين کي جلد کان جلد ح??مي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.