اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) ??لو??ستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي ??لو??ستان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي ??بارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته ??لو??ستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن ??لو??ستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪ??مت ??لو??ستان کي سڀني کان وڏو ترقياتي ??يڪيج ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل ??لو??ستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ??لو??ستان کي ٿيندو، ??لو??ستان ۾ ترقياتي ??نصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ??لو??ستان کي ملڪ جي ٻ??ن صوبن جي برابر آندو ويندو. هن چيو ته ??لو??ستان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، اميد آهي ته ??لو??ستان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي ??لو??ستان جي گورنر چيو ته وفاقي حڪ??مت پاران ??لو??ستان جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪ??مت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو ??لو??ستان جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي ??ومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.