اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي آبادي کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽ??لي ميڊيسن ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ خدمتن جي فراهمي بابت ا??لا?? جي صدارت ڪري رهيو هو. ا??لا?? ۾ وزيراعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل ??لطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽنٽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر رانا محمد صفدر، ڊائريڪٽر جنرل اين آءِ ٽي بي فيصل ??قب??ل ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ا??لا?? ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ٽيلي هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ سروسز جي فر??غ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.