ڪوئيٽا – 28 اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ??امونڊي علائقن ۾ ماهيگيري جي ??عبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، مقامي نوجوان جديد مهارت حاصل ڪري ان شعبي مان روينيو حاصل ڪرڻ جي وسيع موقعن مان ڀرپور ف??ئدو کڻن. ڪامياب جوان پروگرام تحت بلوچستان جي نوجوانن ۾ آسان شرطن تي قرض ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ماهيگيرن جي مناسب تربيت ذريعي نوجوانن جي مدد ڪندي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبا?? هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.