اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 23 مارچ پاڪستان جي ??هاڙي جي حو??لي سان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ??نل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هڪ حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي، اسان ج?? عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اڄ اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ ل??ءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقعو هو جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجو پاڻ کي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي ??نبي مان آزاد ڪرڻ ل??ءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان باب??ءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳواڻن کي خراج ت??سين پيش ڪريون ٿا جنهن برطانوي هند جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي قيام ل??ءِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بدترين رياستي جبر درپيش آهي، اسان انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.