اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان سميت پو??ي خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسندي جي سياست ترڪ ڪري، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو ??ڃي، دفاعي شعبي ۾ ڀاڻڀرو ٿيڻ جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون، اسلامو فوبيا جو متحد ٿي مقابلو ڪيو ??ڃي. اهڙا خيال هن پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان پريڊ کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. صدر چ??و ته پو??ي قوم سميت پاڪستاني فوج کي پاڪستان جي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي، پريڊ ?? شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن ۽ هوابازن جو ٿورائتو آهيان. هي ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دوست ملڪ اسان سان گڏ آهن، هن چ??و ته يوم پاڪستان هند جي مسلمانن جو ڌار تشخص ۽ مذهبي آزادي جي وچن ورجائڻ جو ??ين??ن آهي. اها پهرين جامع دستاويز هئي جنهن جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي مستقبل ۽ آزادي جو تعين ڪيو ??يو، علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي قيادت ۾ 7 سالن ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. صدر چ??و ته علمي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ ترقي سان گڏوگڏ دفاعي شعبي ۾ خود انحصاري جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون. پاڪستان ايٽمي قوت آهي. هن چ??و ته اسان جون دلير ۽ بهادر فوجون اسان جي خودداري ۽ غيرت جي عڪاس آهن. هٿياربند فوج جي ملڪ جي دفاع لاءِ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنگ هجي يا افراتفري، اندروني امن ۽ امان، حادثن يا قدرتي آفتن جي صورتحال هجي هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . صدر چ??و ته پاڪ فوج جا جوان پهاڙن، صحرائن، دريائن ۽ فضائن ۾ ملڪي دفاع لاءِ ??ين??ن رات چُست ۽ چالاڪ آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، آپريشن رد الفساد ۾ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي مٽي ۾ ملائي ويو، جنهن جو دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن چ??و ته دنيا کي ڪورونا وبا درپيش آهي، اسان خصوصي آگاهي، نظم ۽ ضبط ۽ ذميداري سان مزدور جو احساس ڪندي ان وبا جو مقابلو ڪيو، اسان ڪورونا وبا تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين تنهن هوندي به احتياط ضروري آهي. هن چ??و ته ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون، دنيا جون حالتون تيزي سان بدلجي رهيون آهن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حرفت ۾ ترقي سان گڏوگڏ سفارت ۽ معيشت جي شعبن ۾ تيزي سان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ کي اسلامي ورثي، قومي نظريات ۽ روايتن جو مان رکندي ترقي ۽ جدت کي استعمال ۾ آڻي اسلامي فلاحي جمهوري مملڪت بڻائڻ آهي.