اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آه?? ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪر?? ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏ??ڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني رپورٽرز ??يس??سيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ??نه?? ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مون کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.