اسلا م آباد-11 مئي(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 مئي کان 16 مئي تائين عوامي جمهوريه چين جو چئن ڏينهن جو دورو ڪندو، جٿي هو چيني پرڏيهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ??ميشن جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ سي سان پنجين پاڪ چين وزيرڏيهي اسٽريٽجڪ لڳ??پن جي گڏيل صدارت ڪندو، پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يل بيا?? موجب ا?? موقعي تي ڌريون اق??صادي ۽ واپاري سهڪار، اعلي سطح جي مٽاسٽا ۽ دوري، چين پاڪستان اق??صادي راهداري جي اپ گريڊيشن ۽ مستقل رابطن جي قدمن سميت پاڪ چين ٻه طرفا لڳ??پن جو جامع جائزو وٺنديون. ٻئي اڳواڻ علائقائي جغرافيائي سياسي منظر نامي ۽ ٻه طرفا سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني اڳواڻن، سينيئر وزيرن ۽ ڪارپوريٽ شعبي جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪندو، نائب وزير اعظم جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعلي سطح جي مٽاسٽا جو حصو آهي، اهو دورو” آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنر شپ “ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، بنيادي دلچسپي وارن معاملن تي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ،سي پي?? سميت اق??صادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪر ي ٿو.