اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري بلوچستان جي سرڪاري دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. ڪوئيٽا ا??ئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جو ??هدو سنڀالڻ کانپوءِ بلوچستان جو هي پهريون دورو آهي. صدر کي بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي ۽ کيس صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويندو. صدر جي اعزاز ۾ بلوچستان جو وڏو وزير آجياڻو ڏيندو. صدر بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبرن سان ملاقات پڻ ڪندو.