اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جي عزت، وقار ۽ مفاد جي تحفظ لاءِ سموريون سياسي قوتون متحد آهن، پارليامينٽ ۾ موجود سموريون پارٽيون ا??را?? سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي قدن جي نگاهه سان ڏسن ٿيون، پاڪستان ا??را?? سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. هن ا??را??ي صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هاڻوڪي پاڪستان جي دؤري کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي ان اعتماد جو ??ظهار ڪيو ته صدر سيد ابراهيم رئيسي جو پاڪستان جي دؤري س??ن نه صرف ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي لاڳاپن ۾ واڌ ٿيندي پر ان دؤري جا خطي جي ٻين ملڪن تي به ڏور رس نتيجا مرتب ٿيندا. هن اهڙو اظهار پاڪستان جي دؤري تي آيل ا??را?? جي صدر سان پنهنجي ٿيل ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان قومي اسيمبليءَ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن تي ٻَڌل وفد به موجود هو. اسپيڪر ا??را??ي صدر کي پاڪستان اچڻ تي پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام طرفان ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ ترقيءَ لاءِ ٻه طرفن مسئلن کي ڳالهين ذريعي احسن طريقي س??ن حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته واپار، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، جن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. هن پاڪ- ا??را?? سرحد جي ٻنهي پاسن کان واپاري مرڪزن جي قيام کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته پاڪ- ا??را?? سرحد تي واپاري مرڪزن جي قيام سان سرحد جي ٻنهي طرف رهند شهرين جي زندگين ۾ خوشحالي ايندي. ا??را?? جي صد ڳالهائيندي چيو ته برادر ملڪ پاڪستان جو ??ؤرو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ا??را?? وچ ۾ لاڳاپا روايتي ۽ سفارتي لاڳاپن کان وڌيڪ ڪري آهن، ٻنهي ملڪن جو ??وام اخوت، ڀائيچاري، پاڙيسري ۽ محبت جي لاز??ال رشتن ۾ ٻَڌل آهن. هن پاڪستان ۾ پنهنجي وفد جو ??اندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجها لاڳاپن سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي نئين دؤر جي شروعات ٿيندي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر سيد نويد قمر ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ا??را?? سان پارلياماني رابطن کي اهميت ڏئيٿو. هن چيو ته گذريل قومي اسيمبليءَ پاڪ- ا??را?? فرينڊشپ گروپ سڀ کان وڏو ۽ فعال فرينڊشپ گروپس مان هڪ هو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ا??را?? جي ملي مجلس شوريٰ سان رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. هن ان اعتماد جو ??ظهار ڪيو ته موجوده اسيمبليءَ ۾ پاڪ- ا??را?? فرينڊشپ گروپس ٻنهي ملڪن جي پارليامانن ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. پاڪستان وفد ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان علاوه قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن سيد نويد قمر، عون چوڌري، ملڪ محمد عامر ڊوگر، نور عالم خان ۽ ٻيا موجود هئا، جڏهن ته ا??را??ي وفد ۾ ا??را?? ڪابينه جا ميمبر صدر سان گڏ هئا.