برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن جو جائزو ور??و ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطر??ي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن ??ست??مال ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ائٽمي توانائي ۽ ايپلي ڪيشنز ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پ??ڪس??ان جي عزم جو ور??اءُ ڪيو.