اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لا??ِ صوبن جي لا??ِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لا??ِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چ??و ته پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت ادارو آهي، ملڪ ۾ هر 5 سالن کانپوءِ سروي ڪرائي ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، گذريل سروي 17 – 2016ع ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ 22 211; 2021ع ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ رڳو اسلام آباد جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هزار ٻارن مان 71 هزار ٻار واپس اسڪولن ۾ اچي ويا هئا جنهن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چ??و ته صوبن کي ان حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آهي ۽ هاڻي اها انهن جي ذ??يواري آهي ته اهي اسڪولن مان جيترا ٻار ٻاهر آهن انهن کي واپس آڻين. هن چ??و ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لا??ِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ارب رپيا رکيا آهن ۽ اسلام آباد جي لا??ِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.