ڪرتارپُور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان سمورن س?? ياترين جي آجيان ڪري ٿو، ڪرتارپور لنگهه امن جي علامت آهي، ڪرتارپور لنگهه سان پاڪس??ان دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪس??ان امن جو خواهشمند آهي، پاڪس??ان جو پيغام امن جو پيغام آهي. نارووال ۾ ڪرتارپور لنگهه جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم اهنگي جي اهڙن وڌيڪ قدمن سان خطي ۾ امن کي هٿي ملندي، سک مذهب امن ۽ اتحاد، ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو درس ڏنو آهي.
هن چيو ته س?? ياترين جي آساني ۽ سهولت جي لاءِ پاڪس??ان جا قدم ساراه?? جوڳا آهن. صدر کي سي اي او پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ ڪرتارپور صاحب ۾ س?? ياترين جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ صدر کي سک مذهب ۽ ڪرتارپور صاحب جي تاريخ بابت ٻڌايو و??و. ??در ڪرتارپور صاحب ۾ مختلف جاين جو دورو ڪيو ۽ ياترين جي لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراه??و. ??در پنهنجي دوري دوران ميوزيم ۽ لنگرخاني جو دورو پڻ ڪيو.