اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن نجي انشورنس ڪمپنين کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ??ڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن جي خلاف آدم جي لائيف انشورنس ۽ ايف ايف يو لائيف انشورنس ڪمپني جي داخل ڪيل ٻه اپيلون رد ڪري ??ڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب زاهده نسرين جي فوتي ڀيڻ 2021ع ۾ آدم جي لائيف انشورنس ڪمپني کان 30 لک جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي، 2022ع ۾ ڀيڻ جي لاڏاڻي کانپوءِ عورت ڪمپني کان ڊيٿ انشورنس ڪليم جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڪمپني بيمه پاليسي حاصل ڪرڻ وقت گردي ۽ جگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪري ??ڏيو. اهڙي طرح ميمونه نعيم جي گهرواري اي ايف يو لائيف انشورنس کان 2015ع ۾ 460000 رپين جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي. مڙس جي لاڏاڻي تي عورت انشورنس ڪليم جي دعويٰ داخل ڪئي جنهن کي ڪمپني رد ڪري ??ڏيو. ڪمپني فوتي پاران پاليسي حاصل ڪرڻ وقت هائي بلڊ پريشر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو. شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي جدا جدا شڪايتون داخل ڪرايون. وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪم جاري ??يا. وفاقي محتسب لاڳاپيل انشورنس ڪمپنين کي لاڳاپيل وارثن کي ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. ب??د ?? ڪمپنين محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. صدر ڪيسز جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ ۽ ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين جون درخواستون رد ڪري ??ڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٻئي ڪمپنيون انشورنس کان اڳ جي بيمارين جي حوالي سان ڪو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، انشورنس کان اڳ جي بيمارين کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري لاڳاپيل ڪمپنين تي لاڳو ٿئي ٿي. صدر چيو ته انشورنس ڪليمز جي ترديد جي لاءِ بيمارين کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ناقابل ترديد ثبوت جي ضرورت هوندي آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته ذيابيطس ۽ هائي بلڊ پريشر جهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نٿو ڪري سگهجي، ??هڙين بيمارين ۾ مبتلا اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن کي برقرار رکندي لاڳاپيل ڪمپنين کي فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.